Friday 4 November 2016

ڪراچي ۾ ٻن ٽرينن ۾ خوفناڪ ٽڪ, چئن گهرڀاتين ۽ 7 عورتن سميت 22 مسافر فوت ٿي ويا، 63 زخمي

Tags


ڪراچي/ملير (رپورٽ: ذوالفقار ٻگهيو/حسن ٽڳڙ) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ٻن ٽرينن ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ چئن گهرڀاتين ۽ 7 عورتن سميت 22 مسافر فوت ٿي ويا، 63 زخمي ٿي پيا، بوگين کي ڪٽي انساني لاش ٻاهر ڪڍيا ويا ۽ زخمين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، سرڪاري واهر 2 ڪلاڪ دير سان پهتي، وفاقي سرڪار  واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي،تفصيل موجب غلام فريد ايڪسپريس لاهور کان ڪالهه صبح جو سوا 7 وڳي ڌاري ڪراچي جي لانڍي کان اڳ واري جمعا ڳوٺ اسٽيشن تي پهچڻ کانپوءِ اُتان نڪتي ۽ لانڍي کان پهريان آئوٽر سگنل تي هوءَ بيهي رهي، ڇو ته اڳيان لانڍي اسٽيشن ڏانهن وڃڻ وارو سگنل ريڊ يعني ڳاڙهو هو، فريد ايڪسپريس اُتي بيٺي ئي هئي ته ڪجهه ئي منٽن کانپوءِ پويان ايندڙ ذڪريا ايڪسپريس ان سان ٽڪرائجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ذڪريا ايڪسپريس جي انجڻ ۽ ٻنهي ريل گاڏين جون چار پنج بوگيون ڪلٽي ٿي ويون ۽ حادثي ۾ 19 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 65 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان 3 ڄڻن زخمن جا سور نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪيو. حادثي کانپوءِ ترت ئي ڀرپاسي جا سوين ماڻهو پهچي ويا، جن حادثي جو شڪار ٻنهي ريل گاڏين جي بوگين ۾ دٻجي ويل ۽ ڦاسي پيل مسافرن کي ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، هڪ اکين ڏٺي شاهد عجب گل صبح جو سوير حادثي جي منظر بابت ٻڌايو ته هو صبح جو فيڪٽريءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ وڃي رهيو هو ته ريلوي ٽريڪ تي هڪ ريل گاڏي بيٺل هئي ۽ ان جي پويان ايندڙ هڪ ٻي ريل گاڏي زوردار ڌماڪي سان اڳين ريل گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي. عجب گل ٻڌايو ته ٻنهي ريل گاڏين جي ٽڪرائجڻ جو آواز ڏاڍو گهڻو هو جيڪو پري تائين ٻڌي سگهجي پيو، گاڏين جي ٽڪرائجڻ سان دونهين ۽ مٽيءَ جا بادل ڇانئجي ويا ۽ تباهه ٿيل ريل جي بوگين مان ماڻهن جون ڪيهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ اُهي ماڻهو پاڻ کي بچائڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا هئا. علائقي واسين ريل جي بوگين کي ڪٽي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪٽرن جو به بندوبست ڪيو ۽ پوءِ لاش ۽ زخمي ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيا، جنهن دوران ايڌي، ڇيپا جون ايمبولينسون ۽ رضاڪار به پهچي ويا، بعد ۾ رينجرز، پوليس، پاڪ بحريه ۽ سرڪاري ادارن جا رضاڪار ۽ ڪرينون به موقعي تي پهچي ويون. رضاڪارن بوگين جون دريون ۽ ٻيا حصا ڪٽي لاش ۽ زخمي ٻاهر ڪڍيا، هڪ زخمي حادثي جو شڪار بوگي جي اندر بُري طرح ڦاٿل هو ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ بار بار رڙيون ڪندو رهيو ۽ کيس آيل ڪرين کانپوءِ بوگيءَ جا حصا ڪٽي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو. زخمين ۽ لاشن کي جڏهن جناح اسپتال پهچايو ويو ته اُتي سون جي تعداد ۾ وارث گڏ ٿي ويا ۽ اسپتال ۾ روڄ راڙي جو منظر هو، هرڪو پنهنجي پياري جي ڳولا ڪري رهيو هو. جناح اسپتال جي ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر ڪليم شيخ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ 19 لاش ۽ 65 زخمي جناح اسپتال پهچايا ويا هئا، جنهن کانپوءِ زخمين مان به 3 ڄڻن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، اهڙي طرح حادثي ۾ فوتين جو انگ 21 ٿي ويو، جن ۾ 2 معصوم جاڙيون ڀينرون ۽ سندن پيءُ ماءُ به شامل هئا. ايڊيشنل پوليس سرجن ٻڌايو ته حادثي جو شڪار هڙئي لاش چچريل هئا ۽ انهن جا هڏ ڀڳل هئا، لڳي ٿو ته حادثي دوران ريل گاڏين جي بوگين جا ٽُٽل لوهه جا ٽُڪرا يا بوگين جي لوهه جا ٽڪُرا انهن جي جسمن ۾ گهڙي ويا هئا جنهن سبب لاش چچريل هئا. هن اهو به ٻڌايو ته زخمين ۾ 11 ٻار شامل آهن.حادثي ۾ ڪراچي جو رهواسي پنهنجي زال ۽ ٻن جاڙين ڌيئرن سميت اجل جو شڪار ٿي ويو، محمد مظهر پنهنجي زال ڪوثر  ۽ ٻن جاڙين نياڻين زارا ۽ سڪينه سان گڏ ملتان ريلوي اسٽيشن تان ذڪريا ايڪسپريس ۾ سوار ٿيو هو، سندن لاش جڏهن جناح اسپتال پهتا ته ڪراچي ڪورنگي جي قيوم آباد کان آيل سندن هڪ عزيز زال مڙس مظهر ۽ ڪوثر جي لاشن جي سڃاڻپ کانپوءِ سندن ڌيءَ سڪينه جي لاش جي به سڃاڻپ ڪئي پر سڪينه جي جاڙي ڀيڻ جو پتو نه پئي پيو، بعد ۾ هڪ منڍي هن کي ڏيکاري وئي ته هن ان جي سڃاڻپ سڪينه جي جاڙي ڀيڻ زارا طور ڪئي. ايڊيشنل پوليس سرجن جناح ڊاڪٽر ڪليم شيخ ٻڌايو ته زارا جي جسم جا ٻيا ٽڪرا نه هئا، صرف هن جي مُنڍي ملي سگهي هئي ۽ سڃاڻپ ڪندڙ چيو ته اها ئي سڪينه جي جاڙي ڀيڻ آهي، جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي پاران 22 فوتين ۽ 63 زخمين جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ شميم، ڪوثر، سڪينا، راشده، نويد، محمد شفيق، فياض، زارا، فرياد احمد، محمد مبين، ظهور احمد، مظهر، مدثر، ماجد، اختر، شاڪر، محمد اقبال ۽ چار نامعلوم شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ غفار، عاليه، ثريا، شاهنواز، محمد حنيف عاصمه، سميرا، مالڪا، علي، ابرار، شهزاد، ياسر، غلام ياين صابر، واحد علي، وحيد، اقبال، عبدالحفيظ، درشن، مقصوده بيبي، غلام شبير، زوار حسين، منظور، محمد شفيع عبدالله، وقاص، غياث، ثناءَ، سعيده مائي، پروين، مهوش، امير، عائشه، حاجزه، شهد، الهبچائي، محمد رضوان، مانشا، محمد اياز، اڪبر، امتياز، نواب، عزيزه، محمد سليم، سرور شاهه، پروين اقبال، ڪلثوم، فضا ناصر، حماد ناصر ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي پاسي رات دير سان حادثي واري هنڌ تي ٻي پٽڙي تي ڪري پيل بوگين کي هٽائي ريلوي آمدورفت کي بحال ڪيو ويو، ريلوي اختيارين واقعي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ورتي آهي، جنهن پنهنجي ابتدائي جاچ رپورٽ ۾ حادثي جو ذميوار ذڪريا ايڪسپريس جي ڊرائيور، اسسٽنٽ ڊرائيور، جمعا ڳوٺ ۽ لانڍي ريلوي اسٽيشن جي عملي ۽ سگنلن جي خرابي کي قرار ڏنو، جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ۾ ريلوي جو ٽرئفڪ آفيسر، ڊويزنل ٽرانپسورٽيشن آفيسر، ڊويزنل سول انجنيئر، ڊويزنل مڪينيڪل انجينئر ۽ ڊويزنل سگنل اينڊ ٽيليڪام شامل هئا، ذميوار ذريعن ٻڌايو ته رپورٽ ۾ چيو ويو ته 146 ڊائون يعني سکر ايڪسپريس صبح جو 7 لڳي 5 منٽن تي جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن کان لانڍي جي طرف کان شهر ڏانهن رواني ٿي ۽ ان کي ”پيپر لائين ڪليئر“ ڏنو ويو ۽ اها صبح جو 7 لڳي 22 منٽن تي لانڍي اسٽيشن تي پهتي، جتان 7 لڳي 24 منٽن تي لانڍي کان ڪراچي شهر ڏانهن رواني ٿي هئي، جڏهن ته 38 ڊائون يعني غلام فريد ايڪسپريس 7 لڳي 15 منٽن تي جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن کان نڪتي ۽ جڏهن هوءَ لانڍي جي طرف وئي پئي ته لانڍي کان اڳ آئوٽر سگنل تي بيهي رهي، ڇو ته آئوٽر سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻريل هئي. ذريعن موجب آئوٽر سگنل جي ڳاڙهي بتي ان ڪري ٻريل هئي ڇو ته سکر ايڪسپريس لانڍي اسٽيشن کان نڪتي ته سهي پر هن اڃا لانڍي يارڊ ڪليئر نه ڪيو هو ۽ سيڪشن نه ڇڏيو هو، ان دوران ئي 26 ڊائون يعني بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس آئي ۽ جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن کان 7 لڳي 24 منٽن تي نڪتي، جمعا ڳوٺ وٽ اي فائيو آٽو سگنل هو، اهو نه ڳاڙهو ۽ نه سائو پر ييلو يعني ڦڪو هو، اهڙي صورت ۾ ڊرائيور کي اڳتي نه وڃڻ گهرجي ها ۽ سگنل کي ڏسڻ گهرجي ها پر هن نه ڏٺو  ۽ اڳيان وارو ڳاڙهو سگنل به هن نظرانداز ڪيو ۽ ان ڳاڙهي سگنل وٽ فريد ايڪسپريس بيٺي هئي، جنهن سان پويان ايندڙ ذڪريا ايڪسپريس ٽڪرائجي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ذڪريا ايڪسپريس جي انجڻ کي گهڻو نقصان رسيو، جڏهن ته فريد ايڪسپريس ۽ ذڪريا ايڪسپريس جي 5 بوگين کي به سخت نقصان رسيو. رپورٽ ۾ حادثي جو ذميوار ذڪريا ايڪسپريس جي ڊرائيور، هن جي اسسٽنٽ ۽ جمعا ڳوٺ ۽ لانڍي ريلوي اسٽيشن جي عملي کي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي اسٽيشنن جي وچ ۾ هڪ سگنل خراب هجڻ ۽ لوپ لائين جو ڪانٽو خراب هجڻ کي قرار ڏنو ويو آهي، حادثي بابت ريلوي جي اختيارين جو چوڻ هو ته جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن ۽ لانڍي ريلوي اسٽيشن جا اسٽيشن ماسٽر سگنل نظرانداز ڪري ۽ بنا پي ايل سي جي جمعا ڳوٺ کان نڪري ويل ذڪريا ايڪسپريس بابت هڪ ٻئي سان فون تي رابطو ڪري سگهن پيا، ٻنهي اسٽيشنن جي ماسٽرن وٽ وائرليس سيٽ به هوندا آهن، جڏهن ته پي ٽي سي ايل فون به ٻه ٻه ٽي ٽي لڳل آهن پر هنن ايمرجنسي ۾ به رابطو نه ڪيو، ريل گاڏيءَ جي ڊرائيور وٽ به وائرليس سيٽ هوندو آهي، هن سان به جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن وارا رابطو ڪري سگهن پيا، کيس ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري روڪي سگهن پيا، نه ته اهڙي ايمرجنسي واري صورتحال ۾ ريل گاڏي کي روڪڻ لاءِ ڊيٽونيٽر جي استعمال جي به ريلوي جي اسٽاف کي تربيت مليل هوندي آهي، ڊيٽونيٽر جي ذريعي ريل گاڏي کي هو ايئن روڪي سگهن پيا ته ايندڙ ريل گاڏيءَ جي اڳيان سندس ٽريڪ تي هڪڙو ننڍڙو ڊيٽونيٽر ريل جي پٽڙيءَ سان اهڙي طرح لڳايو وڃي ها ته جيئن ئي ريل جو ڦيٿو ان سان ٽڪرائجي ها ته ڦٽاڪو ڦاٽي ها ۽ ريل جو ڊرائيور تڪڙ ۾ هوش ۾ اچي وڃي ها ته اڳيان ڪو خطرو آهي ۽ هو هوشيار ٿي وڃي ها پر اهڙي ڪابه پريڪٽس نه ڪئي وئي، پنجاب کان آيل ريل گاڏين جي حادثي کان اڳ 6 لڳي 56 منٽن تي جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن کان لوڪوموٽو مطلب رڳو انجڻ آيو ۽ اهو 7:15 منٽن تي لانڍي پهتو ۽ هن کي لوپ لائين نمبر 4 تي ورتو ويو. اندرون ملڪ کان ڪراچي ايندڙ ريلوي ٽرئفڪ ڪليئر ڪرڻ لاءِ لوپ لائين تي ڪانٽو ٺاهيو ويو ۽ لوڪوموٽو کي اُتان گذاري وري ٻيهر ڪانٽو سيٽ ڪرڻو هو ته جيئن مين لائين ڪليئر ٿئي پر اهو ڪانٽو خراب هو ۽ جمعا خان اڳيان وري هڪ سگنل خراب هو جنهن جي بتي رڳو ڦڪي يعني ييلو ٻرندڙ هئي، باقي ريڊ ۽ گرين بتي ڄاڻايل سگنل تي نه پئي ٻري، ان سڄي سسٽم جي خرابيءَ سبب جمعا ڳوٺ کان لانڍي اسٽيشن تائين پي ايل سي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. پي ايل سي جو مطلب پيپر لائين ڪليئر آهي. ذريعن ٻڌايو ته ان مان مراد اها آهي ته لانڍي ريلوي اسٽيشن جون اختياريون جڏهن جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن وارن کي اهو ٻڌائينديون ته لانڍي ريلوي اسٽيشن تان گاڏيون هليون ويون آهن ته پوءِ جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن پويان ايندڙ ٻي گاڏيءَ کي پي ايل سي يعني ”پيپر لائين ڪليئر“ جو هڪ پروفارما ڀري ڏينديون ۽ پويان ايندڙ گاڏي اهو پروفارما وٺي پوءِ اڳتي وڌندي پر ڪالهوڪي واقعي وقت ذڪريا ايڪسپريس ۽ جمعا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن انهن ڳالهين کي نظرانداز ڪيو جنهن سبب اهو ڀوائتو حادثو پيش آيو،هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي،جڏهن ته  ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق واقعي  جي 12 ڪلاڪن بعد ڪراچي پهچي جناح اسپتال ۾ حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي، سعد رفيق چيو ته لانڍي ٽرين حادثي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، واقعي جي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي،هن چيو ته ريلوي جو اڄوڪو حادثو المناڪ حادثو آهي، ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ حادثي کانپوءِ ڀڄي ويا هُئا،جيڪي واپس اچي ويا آهن. واقعي جي جاچ ڪرائي پئي وڃي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ريلوي جي عملدارن کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. هن چيو ته ريلوي جي انشورنس ٿيل آهي، انشورنس ڪمپني پاران في فوتي کي 15 لک رپيا جڏهن ته زخمين کي ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويندا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ، صحت جي وزير سڪندر منڌري ۽ ٻين جناح اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، جڏهن ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، حادثي ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته خواجا سعد رفيق ريل حادثي تي جوابده آهي، واقعي تي سياست نه ڪندس، سنڌ حڪومت کي سفارش ڪندس ته زخمين ۽ فوتين کي معاوضو ۽ پلاٽ ڏنا وڃن

This Is The Newest Post


EmoticonEmoticon