Friday 4 November 2016

بالي ووڊ اداڪاره تبو 45 بهارون مڪمل ڪري ورتيون

Tags

ناليواري اداڪاره تبو

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) بالي ووڊ اداڪاره تبو 45 بهارون مڪمل ڪري ورتيون . اڄ سالگرهه ملهائيندي،  تبو جو اصل نالو تبسم هاشمي آهي، هوءَ بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره شبانه اعظميٰ جي ڀائٽي آهي، تبو 4 نومبر 1971ع تي حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو، تبو 1994ع ۾ فلم ”وجي بٽ“ سان بالي ووڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان سواءِ ٻين فلمن ماچيس، وراثت، چاندني بار ۽ ٻين ڪيترن ئي فلمن ۾ پاڻ ملهايو آهي، جڏهن ته هن ڪيترن فلمن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرايا آهن. جڏهن ته فلم فيئر ايوارڊ ۾ بهترين اداڪاره جي حيثيت سان سڀ کان وڌيڪ چار ايوارڊ حاصل ڪرڻ جو اعزاز به تبو وٽ آهي. هن هندي فلمن سان گڏوگڏ ، تيگلو، تامل، مراٺي، بنگالي ۽ انگريزي فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. عالمي شهرت ماڻيندڙ تبو اڄڪلهه ڪروڙين پرستارن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.


EmoticonEmoticon